ڌرتي دل وارن جي

ڌرتي دل وارن جي

ڌرتي دل وارن جي

ڌرتي دل وارن جي (فلم): سنڌي فلم ’ڌرتي دل وارن جي‘ 1975ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي، چاندني سينيما حيدرآباد، نگار سينيما لاڙڪاڻي ۽ پيراڊائيز سينيما سکر ۾ ناصر برادرس وارن طرفان رليز ٿي هئي. هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي هو، جڏهن ته فلم جي موسيقي ظفر علي ترتيب ڏني هئي. هن فلم جو فلمساز چوڌري شريف هو. اداڪارن ۾ عشرت چوڌري، وسيم، مينا، محبوب عالم، مشتاق جسڪاڻي، گل منير، منصور بلوچ، فريده انجم، ملڪ انوکو ۽ شهزادي هئا. فلم جا ڪي گانا ڪامياب ويا. سراسري طور ڪو سٺو بزنس ڪونه ڪيو هو، توڙي جو عشرت چوڌري پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو هو. هن فلم تي پنجابي فلمن جو اثر تمام گهڻو نظر آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو